قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي يونين ڪائونسل 55 کان 59 تائين جي آر او فرمان گپچاڻي بلدياتي اليڪشن  ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اميدوارن جا نامينيشن فارم مڪمل تبديل ڪري، غلط تفصيل ڀري رد ڪري ڇڏيا هئا، فارمن رد ٿيڻ خلاف اميدوار شاهنواز خاصخيلي، حاجن ڀنڊ، ايڊووڪيٽ سچل مجيب ماڇي ۽ ٻين سيشن جج نوابشاهه جي عدالت مان نامينيشن فارم بحال ڪرايا هئا، جنهن ۾ سيشن جج نوابشاهه تفصيلي آرڊر ڪيو ته آر او فرمان گپچاڻي اميدوارن جي نامينيشن فارمن کي تبديل ڪري، اليڪشن رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي آهي، جنهن سبب ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهڙو آرڊر سيشن جج پاران اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي لاءِ پڻ اماڻيو ويو هو، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪندي اڄ آر او فرمان گپچاڻي کي هٽائي سندس جاءِ تي نئون آر او سردار ملاح کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.