قاضي احمد (ن پ ا) عدالتي حڪم تي قاضي احمد جي ڪچي ۾ سرڪاري ٻيلن تي پوکيل وڻن جي واڍي ۽ زمين تي مبينا طور قبضا ڪري ڪڻڪ سميت ٻئي فصل جي پوکائي کي روڪڻ ۽ قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم پاران آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران ڳري مشينري وسيلي ناصري ٻيلي ۾ 07 گھر ۽ 10 ٽيوب ويل جا کوهه ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ٻيلي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه جي لھي وڃڻ بعد بااثر ڌريون سرڪاري ٻيلن جي خالي پيل زمين توڙي تازو پوکيل ٻٻرن جي وڻن جي واڍئي ڪرائي فصل پوکي رهيا آھن، جنهن جي خاتمي لاءِ آپريشن ڪيو ويو.