قاضي احمد:اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ جي رھائش گاھ تي سکر پوليس جي ڪاروائي

0
604
حيدرآباد پوليس وڌيڪ

قاضي احمد (ن پ ا) اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ جي رھائش گاھ تي سکر پوليس جي ڪاروائي، نواب شاھ واسي ٽرانسپورٽر جان محمد مگسي جي درخواست تي عدالتي حڪم تي ساڍا ڏھ ڪروڙ رپين جا مبينا طور چيڪ ڏيڻ بعد پاس نه ٿيڻ تي ڪاروائي عمل ۾ آندي وئي، درخواست گذار جان محمد مسگي جي فرياد تي آباد پوليس ٿاڻي سکر تي قاضي احمد واسي اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ خلاف مبينا طور ساڍا ڏھ ڪروڙ چيڪ ڏيڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي ڄاڻايو ويو آھي ته ڏنل چيڪ پاس نه ٿي رهيو آھي جنهن لاءِ ڪاروائي ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ اڳوڻي ايم پي اي شير محمد انڙ جي وارثن جو چوڻ آھي ته رقم وياج جي آھي ، ڪافي پئسا الزام هڻندڙ ڌر کي ڏئي چڪا آھيون زمين به لکي ڏني آھي ،پوليس ڪاروائي ناانصافي آھي.