اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي فواد چوڌري جو اهو چوڻ ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ميمبرن جون استعيفائون منظور نه ڪيون، اهو حقيقتن جي ابتڙ ۽ گمراهه ڪندڙ بيان آهي، اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري پاران موڪليل هڪ به استعيفا اليڪشن ڪميشن کي  نه ملي آهي پر موجوده اسپيڪر پاران 11 استعيفائن جي منظوري پهتي آهي، جن کي ضابطي تحت منظور ڪري اليڪشن جو شيڊول جاري ڪيو آهي، اسپيڪر پاران جڏهن به استعيفائون وصول ٿينديون ان تي قانون ۽ ضابطي مطابق عمل ڪيو ويندو.