حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سومرا برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ قاسم آباد جي اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سومرا برادري جي ماڻهن وچ ۾ هلندڙ تڪرار نبري ويو. گذريل ڏينهن صوبائي وزير ڄام خان شوري جي ڀاءُ ڪاشف شوري ڌرين کي پنهنجي بنگلي تي گهرائي تڪرار نبيري ۽ کين ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو.  ذريعن موجب فيصلي مطابق سومرا برادري جا ماڻهو نينگر عثمان سومرو جو قتل ثابت ڪري نه سگهيا آهن، ان ڪري ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي تي نينگر جو قتل ثابت نه ٿيو ، جنهن ڪري کين ان معاملي مان آجو قرار ڏنو ويو. اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪرڻ وارو معاملو سومرا برادري جي 16 ماڻهن جي 5 مهينا 3 ڏينهن جيل ۾ رهڻ جي عيوض برابر ڪيو ويو.  ذريعن موجب فيصلي مطابق اڳوڻو مختيارڪار ماجد خاصخيلي نينگر جي موت سندس گهر ۾ ٿيڻ ڪري وارثن جي مالي مدد ڪندو. مالي رقم بابت وڪيلن سان صلاح مشورا  ڪيا ويندا. ان فيصلي ۾ امين طور سومرا برادري پاران نينگر جو والد اسماعيل سومرو، ميونسپل ڪميٽي جو اڳوڻو وائيس چيئرمين ۽ پ پ اڳواڻ اقبال سومرو، وڏيرو محمد حسين سومرو، يوسف سومرو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا جڏهن ته مختيارڪار ماجد خاصخيلي سان گڏ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي، زبير ميمڻ، ارشاد خاصخيلي، بابو درس، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ روينيو يونين جو اڳواڻ سردار شاهه شريڪ ٿيا. فيصلي ۾ اهو به قرار ڏنو ويو ته ڌريون هلندڙ ڪيس ۾ هڪٻئي جي مدد ڪنديون.  واضح رهي ته ڌرين ۾ اهو تڪرار آڪٽوبر 2021ع ۾ ان وقت شروع ٿيو جڏهن ان وقت جي مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي جي قاسم آباد واري گهر ۾ نينگر عثمان ولد محمد اسماعيل سومري جو پراسرار موت ٿيو هو. نينگر جي پراسرار موت بعد علائقي جي سومرا برادري جا ماڻهو رستن تي نڪري آيا هئا ۽ انهن مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ واجد خاصخيلي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو. ان واقعي جا 3 جدا جدا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. ٺاهه جي ڪوششن جي نتيجي ۾ سومرا برادري جي ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ ضمانت لاءِ ڏنل درخواست واپس وٺي ڇڏي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ۾ ضمانت جون درخواستون ڏنيون ويون هيون جنهن تي مخالف ڌر اعتراض نه ورايو. نتيجي ۾ 16 ڄڻن جون ضمانتون منظور ٿي ويون . رابطو ڪرڻ تي فيصلي ۾ شريڪ پ پ اڳواڻ اقبال سومري ان تڪرار جي نبيري جي تصديق ڪئي.