حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو آر او قاسم آباد پاران حڪومت مخالف  اميدوارن جا بناجواز فارم رد ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته آر او قاسم آباد خلاف ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آر او قاسم آباد قومي عوامي تحريڪ جي 5 اميدوارن جا فارم رد ڪري ڇڏيا آهن جنهن عمل کي هو انتقامي ڪارروائي ۽ ڌانڌلي جو حصو سمجهن ٿا. جاري بيان ۾ اياز لطيف پليجو جو چوڻ آهي ته آر او قاسم آباد اسماعيل لغاري جي جانبداري ۽ پيپلزپارٽي جي اشارن تي فيصلن خلاف هو قانوني رستو اختيار ڪندا. مڪاني چونڊن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن ڪري حڪمران ڌر جا آر اوز غيرقانوني ۽ بنا جواز طريقن سان سندن اميدوارن کي حراسان ڪري جدوجهد کان روڪڻ جي ڪوشش پيا ڪن. هن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته هو آر او قاسم آباد اسماعيل لغاري جي تعصب ۽ قومي عوامي تحريڪ جي اميدوارن جا بنا جواز فارم رد ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي.