حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي روينيو ڪالوني جي لنگھه تي قائم حددخليون هٽايون ويون آهن. اهي حددخليون لنڊن ٽائون وٽ قائم ڪيون ويون هيون جنهن جي ڪري روينيو ڪالوني  جو لنگهه بند ٿي ويو هو. روينيو ڪالوني جي رهواسين جو چوڻ آهي ته حددخلين جي خاتمي لاءِ انهن مقامي عدالت سان رجوع ڪيو هو. عدالت جي حڪم تي مقامي انتظاميا کي ڪارروائي ڪرڻي هئي پر روينيو انتظاميا ڪارروائي نه ڪئي جنهن جي ڪري انهن پنهنجي مدد پاڻ تحت حددخليون هٽائي ڇڏيون آهن. سندن چوڻ مطابق حددخليون هٽڻ کانپوءِ روينيو ڪالوني جو لنگهه بحال ٿي ويو آهي.