فريدآباد(ن پ ا) ڳوٺ دري ماڇي جي پورهيت ڳوٺاڻن عورتن مردن ۽ ٻارڙن اسد الله سولنگي، غلام نبي سولنگي، هدايته خاتون، عالم خاتون ڀنڀي خاتون، سهڻي سولنگي ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته ڳوٺ جو بااثر وڏيرو نظير سولنگي ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي ڀاء قربان سولنگي کي پاڻ قتل ڪري الزام اسان غريبن مٿان مڙھي پوليس کي لکين روپيه رشوت ڏئي حمل ۽ وارھ پوليس جي مدد سان اسانجي زمينن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿوھنن چيو ته وڏيري جي ڀاءُ جي قتل سان اسان جو ڪو به واسطو ناهي، ھنن وڌيڪ چيو ته بااثر بيگناھ اسان جي نوجوان صدام سولنگي جو ڪيس ۾ نالو ڏئي گرفتار ڪرائي جيل موڪلي ناانصافي ڪري ظلم ڪيو آهي. ھنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ بينگاھ قتل ٿيل قربان سولنگي جي قتل بابت ڪنهن ايماندار آفيسر جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي ٺاهي شفاف جاچ ڪرائي اسان مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.