ميھڙ: وارثن موجب ته ٽئي نوجوان پوليس ڪسٽڊي ۾ ھئا، جن کي هٿڪڙيون پڻ لڳل ھيون، انھن کي حاضري تي دادو جيل مان ميھڙ ڪورٽ آندو ويو ھو، حاضري تي آيل جوابدار عدالتي احاطي ۾ ھٿيار کڻي پھتا ۽ سرعام عدالتي احاطي ۾ پوليس جي موجودگي ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي اسان جي ٽنھي نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي ۽ اسان جو شڪ آھي ته  حملي آورن سان پوليس اھلڪار مليل آھن ايس ايس پي دادو واقعي جي جانچ ڪري  ملوث اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري.