ٺل : قائم الدين سرڪي کي ڀتو نه ڏيڻ تي ساڍا 3 سال اڳ قتل ڪيو ويو، اي سيڪشن ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. پهريون ڪيس مقتول قائم الدين سرڪي جي فرياد تي اصغر عرف ڳاڙهو ٻرڙو، شبير  ٻرڙو، نادر، ربنواز ٻرڙو مٿان ڦر ۽ جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، هفتي بعد مقتول قائم الدين سرڪي کي ساڳئي جوابدارن دڪان تي حملو ڪري قتل ڪيو هو.