ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ رنبير ڪپور جي گهرواري عاليا ڪپور ڀٽ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان فٽ ۽ صحتمند آهيو ته آرام جي ڪا به ضرورت نه آهي. اوهان 100 سالن تائين به ڪم ڪري سگهو ٿا. روسٽائل اداڪارا عاليا ڀٽ ۽ رنبير ڪپور ويجهر ۾ شادي ڪئي آهي جڏهن ته اداڪارا هاڻي پنهنجي پهرين ٻار کي به جنم ڏيڻ واري آهي. پر عاليا جو مڃڻ آهي ته هن کي آرام جي ضرورت نه آهي ۽ اها 100 سالن جي عمر تائين ڪم ڪرڻ جي اميد رکي ٿي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب اداڪارا هنن ڏينهن ۾ پنهنجي پهرين پروڊيوس ڪيل فلم ڊارلنگ جي پروموشن ۾ مصروف آهي. فلم جي پروموشن دوران ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي عاليا چيو ته مونکي اڪثر ماڻهو مشورو ڏئي رهيا آهن ته هنن ڏينهن ۾ ڪم نه آرام ڪرڻ گهرجي. جنهن تي اداڪارا چيو ته مان تيستائين ڪم ڪنديس جيستائين منهنجي صحت مونکي اجازت ڏيندي ۽ جيڪڏهن اوهان فٽ ۽ صحتمند آهيو ته آرام ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.