سائوپولو(م ڊ) دنيا جي مشهور فٽبالر ايڊسن ارانٽز ڊو نسيمنٽو عرف پيلي جي لاڏاڻي تي سڄي دنيا ۾ ڏک جو اظهارڪيو ويو آهي. برازيل جي صدر جيئر بولسونارو ملڪ ۾ 3 ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. سندس مڙهه سائوپولو جي ولابيلميرو اسٽيڊيم جي ٻاهران ڪئي ويندي جتي پيلي سڀ کان پهرين ۽ ڪجهه بهترين ميچون کيڏيون. ملڪ ۾ ريو ڊيجنيرو جي حضرت عيسيٰ جي مجسمي کي پيلي جي ياد ۾ ملڪي جهنڊي جي رنگ جي بتين سان سينگاريوويو آهي. مراڪانا اسٽيڊيم کي سونهري بتين سان سجايو ويو آهي. نيويارڪ جي ٽائمز اسڪوائر ۾ سندس پورٽريٽ ٺاهيو ويو آهي.