فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي مڇر ڪالوني واقعي تي تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

0
404

ڪراچي: فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي مڇر ڪالوني واقعي تي تفصيلي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڇر ڪالوني ڪراچي ۾ اغوا جو ڪوڙو افواهه پکيڙي ٻن نوجوانن کي ماريو ويو، علائقي اندر ڏوهاري قسم جا ماڻهو نياڻين کي حراسان ڪرڻ سوڌو گهٽين ۾ ڦرلٽ ڪندا رهن ٿا

پوليس جو ٿاڻو واقعي واري هنڌ کان 15 ڪلوميٽر پري آهي، ٻن نوجوانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪندڙ جوابدارن کي سزا ڏئي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي

فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته واقعي واري ڏينهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم جو غلط استعمال ڪري افواهه پکيڙيا ويا، علائقي اندر وڏي انگ ۾ بنگالي ۽ برمي رهن ٿا، اڪثر نوجوان منشيات جا عادي آهن

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واقعا عروج تي پهتل آهن، فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي طرفان مڇر ڪالوني ۾ پوليس ٿاڻو قائم ڪرڻ ۽ ڪچي آبادين ۾ رهندڙ ماڻهن جي رجسٽريشن ڪرائڻ جي گُهر ڪئي وئي آهي

ھي به پڙھندا

پوليس اھلڪارکي شھيد ڪندڙ جوابدار بااثر شخصيت جو پٽ نڪتو