اسلام آباد: پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي اجلاس دوران فيڊرل لاجز اسلام آباد ۾ 252 سرڪاري آفيسرن جي قبضي جو انڪشاف ٿيو، هائوسنگ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته فيڊرل لاجز ۾ ٻين شهرن کان آيل آفيسرن کي هڪ سال لاءِ رهائش ڏني ويندي آهي، مدت مڪمل ٿيڻ تي 6 مهينن جي توسيع ڏني ويندي آهي، آڊٽ آفيسرن ٻڌايو ته ان وقت 252 آفيسر اهڙا آهن جيڪي ڪيترن ئي سالن کان فيڊرل لاجز ۾ رهن ٿا، ڏيڍ سئو آفيسرن عدالت کان اسٽي آرڊر وٺي رکيو آهي، پي اي سي هائوسنگ وزارت کي فيڊرل لاجز فوري طور تي خالي ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.