فيٽف پاڪستان کي ڪليئر ڪري ڇڏيو: حنا رباني کر

0
176

اسلام آباد: پرڏيهي معاملن بابت مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پاڪستاني رياست ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي، خوشي آهي ته فيٽف پاڪستان کي ڪليئر ڪري ڇڏيو، اُميد ته آڪٽوبر مهيني تائين گري لسٽ مان نڪرڻ جو عمل مڪمل ٿي ويندو

پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر فيٽف جي فيصلن بابت بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته فيٽف شرط پورا ڪرڻ لاءِ پاڪستاني ڪوششن کي به مڃيو

هن چيو ته گري لسٽ مان نڪرڻ بعد پاڪستان جون معاشي حالتون بهتر ٿينديون، فيٽف جي ٽيم آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندي، اسان فيٽف عملدارن سان رابطن ۾ آهيون

حنا رباني کر چيو ته پاڪستان دهشتگردن جي مالي مدد کي روڪيو آهي، هاڻي ٻين ملڪن جي مدد ڪرڻ واري پوزيشن ۾ آهيون، جيڪو ٿيو سو ٿيو، هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، پاڪستان کي ٻيهر ساڳين حالتن ۾ ڌِڪجڻ نه ڏنو ويندو