ڪراچي(رپورٽ: صدام حسين ڪولاچي) فٽبال جي عالمي باڊي فيفا پاڪستان فٽبال فيڊريشن(پي ايف ايف) جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي. پاڪستان کي پي ايف ايف معاملن ۾ ٻاهرين مداخلت تي معطل ڪيو ويو، فيفا واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي رڪنيت فٽبال فيڊريشن نارملائزيشن ڪميٽي کي اختيار واپس ملڻ تائين معطل رهندي. ان کان اڳ فيفا خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن پاڪستان فٽبال فيڊريشن جي هيڊ ڪوارٽرز تي غير قانوني قبضو ختم نه ٿيو ۽ فيفا جي نارملائزيشن ڪميٽي جي ميمبرز کي عمارت تائين رسائي ۽ مينڊيٽ نه ڏنو ويو ته پاڪستان جي رڪنيت معطل ڪئي ويندي.