فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع: انگلينڊ ايران کي 6-2 تان هارائي ڇڏيو

0
256
فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع:

دوحا (اسپورٽس نيوز) فٽبال ورلڊ ڪپ 2022ع قطر ۾ گروپ بي ۾ انگلينڊ پنهنجي پهرين ميچ ۾ ايران کي 6-2 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ طرفان بڪايو ساڪا 2 گول ڪيا، جڏهن ته رحيم اسٽرلنگ، جيڪ گريلش، جوڊ بيلنگهم ۽ مارڪس ريشفورڊ هڪ هڪ گول ڪيو.هوڏانهن  ايران طرفان مهدي تريمي ٻئي گول ڪيا

ان سلسلي ۾ دوحه جي خليفه انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ پهرين 15 منٽن اندر ئي 3 گول ڪيا. ساڪا ٻئي هاف ۾ پنهنجي پنهنجو ٻيو گول ڪيو، جڏهن ته مارڪس ريشفورڊ ۽ جيڪ گريلس هڪ هڪ گول ڪري انگلينڊ جي گڏيل اسڪور کي 6 تائين پهچايو. ايران جي گول ڪيپر عليرضا بيرانند کي پهرين هاف ۾ ئي تبديل ڪيو ويو، جيڪو پنهنجي ساٿي ماجد حسيني سان ٽڪرائجي ويو

هن جي نڪ مان رت وهي رهيو هو ۽ ڪيترن ئي منٽن تائين پچ تي ئي علاج جي ضرورت پئي. 19 سالن جي جوڊ بيلنگهم انگلينڊ طرفان پهريون گول ڪيو. ايران طرفان مهدي تريمي ٻئي گول ڪيا. راند جي آخري لمحن ۾ مهدي تريمي پلينٽي ذريعي ٻيو گول ڪيو