فيفا ورلڊ ڪپ ۾ وڏو اپ سيٽ، مراڪش هٿان اسپين کي شڪست

0
255
فيفا ورلڊ ڪپ ۾ وڏو اپ سيٽ، مراڪش هٿان اسپين کي شڪست

فيفا ورلڊ ڪپ ۾ وڏو اپ سيٽ ٿيو آهي، مراڪش هٿان اسپين کي شڪست ٿي آهي، شڪست بعد اسپين ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويو

اهم مقابلي ۾ اسپين جي ٽيم مراڪش خلاف ڪو به گول نه ڪري سگهي، مراڪش ٽن گولن تان ڪاميابي ماڻي پهريون ڀيرو فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

هڪ ٻي اهم مئچ ۾ رونالڊو جي ٽيم پرُتگال سوئٽزرلينڊ کي عبرتناڪ شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

ڪپتان رونالڊو کان بغير ميدان تي لهندڙ پُرتگال جي ٽيم هڪ گول جي مقابلي ۾ 6 گولن تان مخالف ٽيم کي شڪست ڏئي ميدان ماريو

پھريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ پھچڻ تي مراڪش جي رانديگرن ميدان ۾ سجدو ڪيو