دوحا (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ گروپ ڊي جي ميچ ۾ فرانس آسٽريليا کي 4-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي. فرانس طرفان اوليويئر گرائوڊ 2 گول ڪيا، جڏهن ته ايڊرن رابيوٽ ۽ ڪيلن ايمبپي هڪ هڪ گول ڪيو، آسٽريليا طرفان ميچ جو واحد گول گڊون ڪيو. ان سلسلي فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ڊي جي ميچ ۾ فرانس آسٽريليا کي 4-1 گولن تان هارائي ڇڏيو. آسٽريليا طررفان گريد گڊون ميچ جي نائين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري. جڏهن ته فرانس طرفان ايڊرن رابيورٽ 27 هين منٽ ۾ گول ڪري مقابلو 1-1 گول تان برابر ڪري ڇڏي. فرانس جي اوليويئر گرائوڊ 32 منٽ ۾ ٻيو گول ڪري ٽيم کي 2-1 جي برتري ڏياري، فرانس جي ڪيلين ايمبپي 68 هين منٽ ۾ وڌيڪ هڪ گول ڪري ٽيم جو اسڪور 3 تي پهچايو، اهڙي طرح اوليويئر گرائوڊ 71 هين منٽ ۾ چوٿون گول ڪري ٽيم کي 4-1 جي برتري ڏياري. هوڏانهن گروپ ايف جي ميچ ڪروشيا ۽ مراڪش ۾ کيڏي وئي جيڪا 0-0 تان برابر رهي. ٻئي طرفان جاپان جرمنيءَ کي 2-1 تان اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي. جرمنيءَ طرفان گنڊوگن 33 هين منٽ ۾ گول ڪيو، جڏهن ته جاپان طرفان رتسو ڊان 75 هين منٽ ۽ تڪوما آسانو 83 هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.