ٺٽو (اسپورٽس نيوز) ٺٽو واسڻ فٽبال رانديگرياڻي مديحه ناز جاکرو قطر ۾ جاري عالمي فٽبال ڪپ 2022ع جي افتتاحي تقريبن توڙي فيفا جي جنريشن اميزنگ جي مختلف پروگرامن ۽ عالمي سطح جي منعقد ڪيل سيمينار ۾ پاڪستان ۾ عورتن جي ڪردار ۽ پاڪستاني ثقافت جي عنوان تي ڳالهائڻ بعد واپس ڏيهه موٽي گھر مڪلي پهچي وئي. فيفا پاران عالمي فٽبال ڪپ 2022ع جي افتتاحي تقريبن توڙي سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ ٺٽي واسڻ فٽبال رانديگرياڻي مديحه ناز جي ڏيهه پهچڻ تي ڪراچي ۾ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ توڙي ان جي گھر ڀاتين ۽ ٻين شاندار آڌرڀاءُ ڪيو. جڏهن ته گھر پهچڻ تي فٽبالر مديحه ناز جاکرو ڳالهائيندي چيو ته مان هڪ هفتي تائين قطر ۾ فيفا جي مهمان طور هيس ۽ فيفا جي جنريشن اميزنگ فيسٽيول توڙي سيمينار ۾ نه رڳو شرڪت ڪري پاڪستان ۾ عورتن جي ڪردار توڙي پاڪستان جي ثقافت تي ڳالهايو پر پاڪستان جي هڪ فٽبال رانديگرياڻي جي حيثيت نمائندگي ڪندي ملڪ جي ثقافت سان گڏ سنڌ جي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي سنڌ جي گيتن تي پڻ پنهنجي پرفارمينس پيش ڪري پرڏيهي ملڪن جي شريڪ ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪئي.