دوحا (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ ۾ گروپ ايف جي ميچ ۾ بيلجيئم ڪينيڊا ۽ گروپ جي ۾ سوئٽرزلينڊ ڪيمروز کي هارائي ڇڏيو، جڏهن ته يوروگو ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ 0-0 تان برابر رهي. ان سلسلي ۾ فيفا ۾ کيڏي ورلڊ ڪپ گروپ ايف جي ميچ ۾ بيلجيئم ڪينيڊا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 1-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. احمد بن علي اسٽيڊيم ويل ميچ جي شروع ۾ ئي بيلجيئم جي ٽيم راند تي حاوي نظر آئي ۽ ميچ جي پهرين هاف جي آخري منٽ ۾ بيشوائي گول اسڪور ڪري ٽيم کي برتري ڏياري جيڪا ميچ جي آخر تائين برقرار آهي، ڪينيڊا جي ٽيم ميچ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو پر گول نه ڪري سگهي.  هوڏانهن گروپ جي ۾ سوئٽزرلينڊ ڪيمرون کي 1-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. الجنوب اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ جي پهرين هاف ۾ ٻنهي ٽيمن ڪوبه گول اسڪول نه ڪيو، ٻئي هاف ۾ سوئس ٽيم جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي 48 هين منٽ ۾ گول ڪري 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي جيڪا آخر تائين جاري رهي. سوئٽزرلينڊ طرفان ميچ جو واحد گول برل ايمبولو ڪيو جڏهن ته ڪيمرون جي ٽيم ڪيترن ئي يقيني موقعن کي گول ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ٻئي يوروگواءِ ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ميچ 0-0 تان برابر رهي.