فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن ۾ 70  کان وڌيڪ  معصوم ٻار،عورتون ۽ مرد گيسٽرو ۾ ورتل آهن، ان ڏس ۾ ڳوٺ سونو خان مجيداڻو، راڌَڻ مشائخ راضا آباد يار محمد مري علي آباد امن چودڳي مهاڙي پڪاچانگ حسين پاتو اڪري چودڳي ننگر خان شر پنهل راڄپر۽ ٻين علائقن ۾  گيسٽرو وبائي صورت اختيار ڪري وئي آهي، ٻي طرف  ڊي ايچ او خيرپور رحمت الله سولنگي ڊاڪٽرن جون ٽيمون ساڻ ڪري فيض گنج پهچي ويو، مختلف هنڌن تي ڪئمپ قائم قائم ڪري مريضن جو علاج ڪيو ويو، ان موقعي تي  ڊي ايچ او ٻڌايو ته وڏي انگ ۾ ماڻهو گيسٽرو ۾ ورتل آهن، مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪري ماڻهن  جو علاج شروع ڪيو ويو آهي.