فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ مکڻ خان شر واسڻ ٻن ٻارن جي ماءُ گلشاد شر پنهنجي پيءُ غلام قمبر شر سان گڏ احتجاج ڪندي صحافين اڳيان دانهيو ته مڙس غلام مهدي شر، پنهنجي ڀاءُ غلام سرور شر، سهري نظر حسين شر سان ملي تشدد بعد منهن ۾َٿڪون هڻي تذليل ڪئي. هن چيوته مڙس، ڏير ۽ سهري رسن سان ٻڌي ڪتن واري چٽ ۾ کاڌو کارائيندا هئا، قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي . هن الزام لڳايو ته سهري نظر حسين ۽ ڏير غلام سرور شر زيادتي جي ڪوشش ڪئي، پيءُ جي گهر پهچڻ بعد مڙس غلام مهدي اڇي پني تي طلاق لکي موڪلي آهي. ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ فيض گنج ٿاڻي تي ويس ته پوليس فرياد نه ورتي، منهنجو معصوم پٽ به قيد ٿيل آهي. انصاف ڪرايو وڃي نه ته ٿاڻي اڳيان پاڻ کي باهه ڏيندس. هوڏانهن الزام هيٺ آيل پيرسن سهرو نظر حسين شر چيوته گلشاد شر ڌيئرن وانگر آهي ان تي ڪو به تشدد يا زيادتي ڪوشش ناهي ٿي. گلشاد جي پيءُ 10لک گهريا نه ڏيڻ تي ڪوڙا الزام لڳائي اسان جي عزت کي نقصان ڏنو آهي. فيض گنج پوليس رابطو ڪرڻتي ٻڌايو ته گلشاد شر ڄاڻايل جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي، معاملي جي جاچ هلندڙ آهي جوابدار فرار ٿي ويا آهن.