فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج جي مونو ٽيڪنڪل ڪاليج ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ سروي سينٽر تي سروي ڪرائڻ لاءِ پهتل عورتن ۽ عملي وچ ۾ سروي ڪرائڻ واري معاملي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران مبينا طور تي تشدد سبب پيرسن زليخان خاتون جي ٻانهن ڀڃي پئي پيرسن کي سندس وارث گهر کڻائي ويا اهڙي واقعي بعد مختلف علائقن کان پهتل عورتن ڪلثوم بانو، زبيده خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سروي عملي پاران عورتن تي تشدد ڪيو ويو جنهن دوران هڪ پيرسن عورت جي ٻانهن ڀڃي پئي آهي  هنن الزام لڳايو ته عملي هڪ پيرسن کي به ڪمري ۾ واڙيل ڇڏيو هو جنهن کي پوليس پهچي آزاد ڪرايو آهي هنن چيوته هتي عورتن تي تشدد بداخلاقي ڪرڻ سان گڏ عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي پر ڪير به عورتن جي دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي هنن چيوته اسان صبح کان آيل آهيون هنن چيوته الزام لڳايو ته  رشوت عيوض ڪارڊ سروي ڪيا وڃن ٿا عملي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪرايو وڃي. ان سلسلي ۾َسروي ڪندڙ عملي جو چوڻ آهي ته سينٽر ٻاهران عورتن ۾ جهيڙو ٿيو هو اسان ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيو آهي جڏهن ته جهيڙي واري اطلاع تي فيض گنج پوليس پهتي پوليس عورتن کي انصاف ڏيارڻ بجاءِ زخمي عورت ۽ نوجوان کي زبرستي سينٽر مان ڪڍي گاڏي ويهاري ميڊيا کان اڳ ئي گهر روانو ڪري ڇڏيو.