فيض گنج  (ن پ ا)  فيض گنج ۾ برسات متاثرن جي بحالي ۽ پاڻي نيڪال ۽ مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي ٽيون ڀيرو فيض گنج جي هاءِ اسڪول پڪا چانگ جي گرائونڊ  تي کليل ڪچهري ڪوٺائي وئي.  کليل ڪچهري ۾ پي ڊي ايم اي ڊائريڪٽر احمد علي کوسو بحالي واري سيڪريٽري مسعود احمد، اي ڊي سي ظفر عباس عباسي، اسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج مستقيم قريشي سميت مختلف کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احمد حسين چانگ، جاڙو شر، حبيب الله، نعمت خان ۽ ٻين دانهيو ته مختلف ڳوٺن مان  برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو آهي. برسات متاثرن جي سار سنڀال نه لڌي وئي آهي هنن چيوته گهر سروي لاءِ روينيوکاتي پاران ڏنل فارم  تي لڳايل شرط ڏکيا آهن ماڻهن وٽ زمينون نه آهن گهرن جا ڪاغذ نه آهي اهي ڪٿان ڪاغذ جمع ڪرائين هنن چيوته  گهر سروي واري لسٽ ته اچي وئي پر ماڻهن کي پئسا ڪڏهن ملندا. ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي پڪاچانگ ۾ ڪم ڪندڙ  عورتون ڪچهري۾ پهچي ويون جتي هنن دانهيو ته اسان جي پگهار 2 هزار آهي پگهارون وڌايون وڃن. جڏهن ته فيض گنج جي مختلف ڳوٺن ۾ برسات دوران فوت ٿيل ماڻهن جي مدد نه ٿيڻ متاثر ماڻهن  پاران شڪايتون پڻ ڪيون ويو ان موقعي تي عملدار سوال شڪايتون جا جواب ڏيندي چيوته فيض گنج تعلقي مان 99سيڪڙو برساتي پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي برسات متاثرن جي بحال وارو ڪم هلندڙ آهي گهرن وارا پئسا اين جي اوز حوالي ٿيل آهن اهي پئسا ڏيندا فوتي ماڻهن جون رپورٽون موڪليل آهن انهن کي معاوضو ملندو ماڻهن جا جائز مسئلا حل ڪرايا ويندا.