فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج  ۾ بدامني خلاف وڪيل برادري پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي  بار صدر اسد راڄپر،سچل شر، رضا محمد چانگ، غلام علي شاهه ۽ ٻين  چيو ته تعلقي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، ڦرن ۽ چورين جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن، عوام غير محفوظ بڻيل آهي، تعلقي ۾ 3 ٿاڻا هجڻ باوجود بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ امن قائم ڪرايو وڃي.