فيض گنج (ن پ ا) پڪا چانگ شهر جي غريب آباد ڪالونيءَ مان پرائمري استاد  امام بخش چانگ جي سي ڊي موٽر سائيڪل نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا. چوريءَ جي واردات بعد شهرين متاثر استاد جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي مهراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. بعد ۾ ايس ايچ او فيض گنج مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري ٻن ڏينهن اندر موٽرسائيڪل واپس ڪرائڻ جي خاطري ڏياري روڊ کولرائي ڇڏيو.