فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج تعلقي ۾ اٽي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو، اٽو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو، واپارين في ڪلو اٽي جو اگهه 130رپيا ڪري ڇڏيو، پورهيت طبقي لاءِ ٻن ويلن جو اٽو خريد ڪرڻ به ناممڪن بڻجي ويو. رپورٽ موجب فيض گنج، پڪاچانگ، ڪوٽ لالو، اڪري چودڳي، ڪرونڊي، ڀنگو بهڻ سميت تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران شديد ٿي ويو آهي. ضلعي حڪومت پاران  ڪنهن به شهر ۾سرڪاري اسٽال نه لڳايا ويا. اهي به اطلاع آهن ته ڄاڻايل شهرن ۾ واپارين ڪڻڪ جو ان به بليڪ تي وڪرو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ علائقي واسين الف الدين مجيداڻو، رياض چانگ، محڪم الدين ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته فيض گنج تعلقي ۾ هڪ رات ۾ اٽي جي في مڻ تي 700 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، في ڪلو اٽو 130رپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي. فيض گنج تعلقي ۾ واپارين سرڪاري اگهه تي اٽو وڪرو ڪرڻ بدران من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي صورتحال برقرار رهي ته غريب طبقو فاقاڪشيءَ تي مجبور ٿي ويندو. هنن چيو ته 500 رپيا ڏهاڙي ڪمايون ٿا، جنهن مان ٻن ويلن جو اٽو به خريد نٿا ڪري سگهون. هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جا سرڪاري اسٽال قائم ڪري پورهيت طبقي کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مختيارڪار فيض گنج جبران کوسي ٻڌايو ته من پسند اگهه تي اٽي وڪري جون شڪايتون مليون آهن، سرڪاري ريٽ تي اٽو وڪرو نه ڪندڙن دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.