ڪوٽ لالو (ن پ ا)فيض گنج تعلقي جي يونين ڪائونسل امن راڄپر ۾آزاد حيثيت سان ميدان ۾لٿل اميدوارن عبدالحميد خاصخيلي، منير احمد مري، خان محمد خاصخيلي، محمد علي شر ۽ خالد حسين راڄپر سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته پيپلز پارٽي ضلع خيرپور جو جنرل سيڪريٽري شيراز شوڪت راڄپر  ۽ مقامي اڳواڻ حنيف خان راڄپر آزاد اميدوارن ۽ ووٽرن کي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، اسان جي ھر ھنڌ رستا روڪ ڪئي پئي وڃي. نوٽيس وٺي آزاد اميدوارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻِي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.