ٺري ميرواهه/ اڪري/ پيروسڻ (نمائندن وٽان) فيض گنج ۽ ٺري ميرواهه تعلقن مان اڍائي مهينن کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، انتظاميا سرڪاري اسڪولن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام، هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل، عام وهنوار معطل، علائقي واسي مسئلي جي حل لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال تي مجبور ٿي ويا. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب 1952 ۾ قائم ٿيل قديمي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٺري ميرواھ مان اڍائي مهينا گذرڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي، جنهن ڪري 1800 کان وڌيڪ شاگردن جو تعليمي مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي. هن وقت به اسڪول اندر ۽ ڀرپاسي جي لنڪ روڊن تي 3 کان 4 پاڻي بيٺل آهي. شھرين حاجي ايوب اعواڻ، انور علي شاھ ، سرفراز احمد شر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته انتظاميا 4 لک آبادي واري تعلقي هيڊڪوارٽر کي لاوارث ڇڏي ڏنو آھي. بوائز توڙي گرلز اسڪولن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آھي. ان کان علاوه سمورن لنڪ روڊن، سرڪاري اسپتال ۽ آفيسون پاڻي هيٺ آهن. گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول  ٺري ميرواھ جي هيڊ ماسٽر منظور علي شيخ ٻڌايو ته برساتن جو پاڻي بيهڻ سبب اسڪول عمارت مڪمل طور ناڪاره ٿي وئي آھي. هوڏانهن پير وسڻ ۾ نوجوان اتحاد ۽ سول سوسائٽي پاران خان واھ ۽ سم نالن کي ھٿرادو ڪٽ ھڻي ڇوڙ ڪيل برساتي پاڻي جي نيڪالي ۽ متاثرن جي واھر لاءِ لڳايل بک ھڙتالي ڪئمپ پنجين ڏينھن به قائم رهي. گذريل ڏينهن گسٽا سنڌ جي صدر مقصود احمد مھيسر ڪئمپ تي پهچي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. هوڏانهن فيض گنج تعلقي جي اڪثر علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ انتظاميا جي نااهلي خلاف پاڪستان نيشنل الائنس اڳواڻ سرائي نياز خاصخيلي، سماجي اڳواڻن محمد اقبال موروجو، نجم الحق فاروقي پاران گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي جنهن ۾ تعلقي فيض گنج جي سوين برسات متاثرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو ته برساتن سبب ٿيل نقصان جي ازالي ۽ پاڻي نيڪاليءَ لاءِ تعلي فيض گنج جي هيڊڪوارٽر پڪاچانگ 22 آڪٽوبر ڇنڇر کان ڪئمپ قائم ڪري بک هڙتال شروع ڪئي ويندي ۽ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.