فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ ڳوٺ صالح شر ۾ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جوابدارن ڌڪ هڻي نينگر سلطان شر کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، نينگر کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، مرتضيٰ شر صحافين کي ٻڌايو ته عزيز الله، غلام حسين، اويس شر حملو ڪري سرون هڻي نينگر کي زخمي ڪيو، جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، واقعي بابت فيض گنج ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي.