فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج ڀرسان گهٽا ڏئي قتل ڪيل نوجوان غلام مصطفيٰ مڱريو جو ڪيس ٻن جوابدارن خلاف اڪري چودڳي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. مقتول غلام مصطفيٰ جي ڀاءُ قربان مڱريو ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ کي ڪرونڊي واسي جوابدار عطا حسين کوکر ۽ هڪ نامعلوم گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش فيض گنج واهه ۾ لوڙهي ڇڏيو هو.  قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. واضح رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ نوجوان جو ڪرونڊي لڳ فيض گنج واهه مان لاش هٿ آيو هو، وارثن شڪ ظاهر ڪيو هو ته سندن نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي.