فيض گنج ويجهو هٿياربندن هٿان زميندارجي پٽ سميت 3 ڄڻا اغوا

0
202

فيض گنج (رپورٽر) فيض گنج ويجهوهٿياربندن هٿان زميندار جي پٽ سميت 3 ڄڻا مبينا طور اغوا ٿي ويا

ان سلسلي ۾ زميندار محمد نواز پٺاڻ الزام هنيو ته 25 کان وڌيڪ هٿياربند زمين تي ڪاهه ڪري پٽ بلال پٺاڻ، ٽريڪٽر ڊرائيور منور راڄپر ۽ هاري شرف الدين کي اغوا ڪري ويا آھن

زميندار محمد نواز پٺاڻ موجب هٿياربندن منهنجي زرعي زمين تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺن

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽن ماڻهن کي اغوا ڪرڻ جا اطلاع مليا آهن، معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن ماڻهو اغوا ٿيا آهن ته کين بازياب ڪرايو ويندو

ھي به پڙھندا

گهوٽڪي مان وڌيڪ 2 ڄڻا اغوا ٿي ويا

اغوا ڄاڻايل ٻن هندو نارين مذهب مٽائي پرڻو ڪري ڇڏيو