فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ويجهو ڳوٺ جمعون خان راڄپر واسي نوجوان پر اسرار طور گم ٿي ويو، هڪ هفتي کان گم ٿيل نوجوان جو گهڻي ڳولا باوجود پتو نه پئجي سگهيو. وارثن نوجوان جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي ٻڌايو ته 18سالن جو محمد اشرف راڄپر ڪنڊيارو کان پڪاچانگ اچي رهيو هو ته رستي مان پراسرار طور گم ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ وارثن جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوجوان لاهور ۾ مزدوري ڪندو هو، ڳوٺ موڪل تي آيل هو. پوليس کي اطلاع ڏيڻ ۽ ڳولا باوجود نوجوان بابت ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي. مائٽن نوجوان جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي.