فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ بدامني وڌي وئي، هڪ ئي رات ۾ چورين جون ٽي وارداتون، پوليس ٿاڻي تائين محدود، رهواسي جاڳي راتيون گذارڻ لڳا. فيض گنج تعلقي جي مختلف ڳوٺن مان هڪ ئي رات ۾ ٽي چورين جون وارداتون ٿيون آهن. ڳوٺ خير محمد چانگ ۽ هاشم آباد چانگ مان نامعلوم چور ٻنهي ڳوٺن جا ٽرانسفارمر لاهي ڪوائل تيل ۽ ٻيو سامان ڪڍي فرار ٿي ويا. جڏهن ته پڪاچانگ شهر جي محسن آباد ڪالونيءَ مان نامعلوم چور استاد دودو مڱڻهار جي گهر ۾ داخل ٿي سولر پليٽون، پکا ۽ پاڻي وارو موٽر چوري ڪري فرار ٿي ويا. هڪ ئي رات ۾ چورين جون ٽي وارداتون ٿيڻ باوجود اڪري چودڳي ۽ فيض گنج پوليس ٿاڻن تائين محدود ٿي وئي آهي. رهواسين چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن چوري ٿيل سامان واپس نه ٿيو ته پوليس ۽ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪيوويندو.