فيض گنج/ڪوٽ لالو (نمائندن وٽان) فيض گنج ويجهو وين جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر  لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 شاگردن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، ايمبولينس خراب هجڻ ڪري فوتين جي وارثن پاران ڌرڻو هنيو ويو، پوليس موجب مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي تيز رفتار وين موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار امتياز مري،  برسات علي، علي جان، ظفر علي ۽ مظفر مري فوت ٿي ويا، پوليس موجب شاگردن کي موٽرسائيڪل تي اسڪول نيو پئي ويو ته حادثو پيش آيو، فوتين کي فيض گنج اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فيض گنج اسپتال جي ايمبولينس خراب هجڻ ڪري فوتين جي وارثن ۽ شهرين  قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي سخت احتجاج ڪيو.