خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مبينا لاپتا ٿيل عبدالعزيز عرف گڊو لانگاهه جي ڀاءُ عبدالباسط لانگاهه طرفان داخل ڪرايل آئيني پٽيشن تي ايس ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته لاپتا ٿيل عبدالعزيز عرف گڊو لانگاهه کي هٿ ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ساڳي عدالت محمد حسن سمنگ طرفان داخل ڪرايل پٽيشن کي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايچ او کي ليٽر جاري ڪندي ڳوٺ جاڙو خان مجيداڻو جي بااثر مولوي ممتاز حسين ۽ صابر حسين مجيداڻو وٽ مبينا باندي بڻائيل مسمات ظهيران زال محمد حسن کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.