فيض گنج/ ڪرمپور (نمائندن وٽان) عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل فيض گنج واسي ڳوٺاڻي جي بازيابي عيوض ڌاڙيلن پاران 25 لک رپيا ڀنگ طلب، 5 ڏينهن اندر ڀنگ جي رقم نه پهچائڻ جي صورت ۾ مغويءَ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي، ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب فيض گنج ويجهو ڳوٺ حاجي سجاول خاصخيلي واسي مغوي نثار احمد خاصخيلي مٿان سخت تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي ڌاڙيلن وارثن کان 25 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي ۽ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن 5 ڏينهن اندر ڀنگ جي رقم نه پهچائي وئي ته مغويءَ کي قتل ڪيو ويندو. ڌاڙيلن پاران وائرل ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مغوي زنجيرن سان ٻڌل آهي ۽ ڌاڙيل مٿس تشدد ڪندي نظر اچي رهيا آهن. مغوي چئي رهيو آهي ته ڌاڙيل 25 لک رپيا گهري رهيا آهن. هن پنهنجي ڀائرن جنسار ۽ زاهد حسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن پنجن ڏينهن ۾ پئسا نه مليا ته ڌاڙيل مون کي ماري ڇڏيندا. ٻئي پاسي مغوي نثار خاصخيليءَ جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد وارث پريشان ٿي ويا آهن. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته مغويءَ جي بازيابيءَ ۾ مدد ڪئي وڃي.