فيض گنج (ن پ ا): فيض گنج لڳ مبينا طور تي بااثر ڀاءُ ۽ ڀائٽن جو پيرسن عورت تي تشدد پيرسن عورت قران پاڪ کڻي پريس ڪلب پهچي وئي ڀاءُ ڀائٽن تي تشدد ڪري مٿي جا وار پٽڻ جو الزام  ڳوٺ بصيرو واسڻ پيرسن 80ورهين جي حسينا خاتون زال حضور بخش راڄپر قران پاڪ ساڻ کڻي سٽي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ڀاءُ محمد حيات راڄپر امير علي ڀائٽيي  شرافت راڄپر فيض محمد راڄپر 46ايڪڙ زمين لکي نه ڏيڻ تان بنگلي تي گهرائي تشدد ڪري مارڪٽ ڪرڻ سان گڏ مٿي جا وار پٽي تذليل ڪئي آهي هن چيوتو منهنجو مڙس حضور بخش راڄپر فوت ٿي ويو آهي منهنجي 46ايڪڙ زمين آهي جيڪا منهنجو ڀاء محمد حيات راڄپر ڀائٽيا زبردستي قبضو ڪري مون کان زمين لکرائڻ چاهين ٿا  هن چيوته منهنجي ڌيء  نسرين راڄپر آهي جنهن جو  نڪاح ٿيل آهي جنهن جوو ڏيرا نڪاح ٽورائڻ چاهين ٿا مونسان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي مون کي وڏيرا قتل ڪرائي زمين هڙپ ڪرڻ چاهين ٿا هن  مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪرايو وڃي ان سلسلي ۾ الزام هيٺ آيل سندس ڀائٽي فيض محمد راڄپر  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت حيسنا خاتون جي پٽ شفقت راڄپر منهنجو ڀيڻويو هو جنهن ڪجھ سال اڳ ۾ اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪيو هو جيڪو سنٽر جيل خيرپور ۾ قيد آهي ان جا ٻه معصوم ٻار آهن جنهن پنهنجي 46ايڪڙ زمين پنهنجي اولاد کي لکي ڏني آهي اسان مٿان تشدد ڪرڻ جا زمين تي قبضي وارا ڪوڙا الزام آهن