فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج لڳ ڳوٺ علي آباد ۾ ترقياتي ڪمن جو آسرو ڏئي ووٽ وٺڻ جي ڪوشش، سرون لهرائڻ دوران ڳوٺاڻن ۽ پ پ اڳواڻ وچ ۾ منهن ماري،  جهڙپون، ڳوٺاڻن سرون واپس ڪري ڇڏيون. وڏيري پاران ڳوٺاڻن کي ڌمڪيون، جي ڊي اي اميدوارن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، وڏيري خلاف ڪوٽ لالو ٿاڻي تي اين سي داخل. خبر موجب فيض گنج جي يوسي امن راڄپر 56 ۾ وڏيرو حنف راڄپر سرن سان ٽريڪٽر ٽراليون ڀرائي ڳوٺ عباس دائيداڻو  پهتو، جتي وڏيري ۽ڳوٺاڻن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، جهڙپن دوران پ پ اڳواڻ وڏيري حنف راڄپر ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي. ڳوٺاڻن ۽ پ پ اڳواڻ وچ ۾ منهن ماري واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. واضح هجي ته يوسي امن 56 تي پ پ اميدوار نادر شوڪت راڄپر ڄاڻايل وڏيري جو سئوٽ آهي. اهڙي واقعي بعد جي ڊي اي اميدوارن ۽ڳوٺاڻن خادم حسين راڄپر، آصف راڄپر، حاڪم راڄپر، ساگر راڄپر، عباس دائيداڻو ۽ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته  يوسي امن راڄپر ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي شڪست ڏسي اسان جي ووٽرن کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهي آهي. 14سالن دوران ڪوبه ترقياتي ڪم نه ٿيو، هن وقت پ پ اميدوار ۽ اڳواڻ عوام کي سبز باغ ڏيکاري ووٽ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا پر ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن. سندن هر لالچ کي ٿڏي ڇڏيندا. هنن اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته عوام کي مختلف قسمن جون لالچون ڏئي ووٽ وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. هوڏنهن جي ڊي اي ايم پي اي ڊاڪٽررفيق ٻانڀڻ، اختر حسين راڄپر،  عبدالڪريم شر ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي پهچي پ پ اڳواڻ حنف راڄپر خلاف  اين سي داخل ڪرائي وئي. ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ حنف راڄپر سان باربار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش باوجود سندس موقف معلوم نه ٿي سگهيو.