فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرمحمد بهڻ ۾ زمين جي تڪرار تان جوابدارن 2 ڄڻن الله وسايو ۽ طيب بهڻ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد ڪري گهر گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو، دانهن تي ٻين ڳوٺاڻن پهچي قيد ڪيل ٻن ڄڻن کي ڇڏائي ورتو، هوڏانهن واقعي خلاف ڳوٺاڻن الله وسايو، طيب بهڻ، فقير محمد، ثناءُ الله، عرس بهڻ، غلام مصطفيٰ ۽ ٻين پريس اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته 10 جوابدارن زمين تي ڪم ڪندڙ اسان جي همراهن کي يرغمال بڻائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دانهن تي ڳوٺاڻن پهچي نوجوانن کي بچائي ورتو آهي، هنن چيو ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراھم ڪيو وڃي.