فيض گنج  (ن پ ا) فيض گنج لڳ مبينا طور تي جوابدارن غريب هاري جو  ٻيو ڀيرو ووئڻن جو فصل پٽي ڇڏيو، فصل بابت پڇا ڪرڻ تي جوابدارن  ڳوٺ محمد صالح شر ۾ حملو ڪري  رجب، سلطان، رحمت الله ۽مرتصيٰ شر کي ڌڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  متاثر رجب شر ٻڌايو ته  اسان جا ووئنڻ اڳ به پٽيا ويا هئا، هاڻي به پٽيا ويا آهن، دانهڻ تي جوابدارن اسان تي حملو ڪيو آهي.