ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 6 شاگردن سميت 7 ڄڻن جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار چئن جوابدارن الطاف ڪٻر، ناوند ڪٻر، اويس ڪٻر ۽ منير کي پوليس سول اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ فيض گنج نظام الدين اڄڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جوابدارن جي عبوري ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست عدالت سڳوري رد ڪندي چئني جوابدارن کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.






























