فيض حميد جو پنهنجي خلاف لڳندڙ الزامن تي موقف سامهون اچي ويو

0
275
فيض حميد جو پنهنجي خلاف

ڪراچي:آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو پنهنجي خلاف لڳندڙ الزامن تي پهريون ڀيرو موقف سامهون اچي ويو آهي

 فيض حميد جو چوڻ آهي ته فوج ۾ فيصلو چيف جو هوندو آهي، جنهن دور بابت الزام لڳا ان وقت ميجر جنرل جي عهدي تي هيس، ڇا ڪنهن ميجر جنرل لاءِ اڪيلي سر حڪومت ختم ڪرڻ ممڪن هو؟

سينيئر صحافي ڪامران خان جو چوڻ آهي ته فيض حميد پنهنجي مٿان لڳندڙ الزامن تي مون ڏانهن ميسيجز اماڻي پنهنجو موقف پيش ڪيو آهي، ڪامران خان موجب فيض حميد پنهنجي ميسيجز ۾ وڌيڪ چيو ته سمورا فيصلا عدالتن ڪيا

 گذريل ڏينهن مريم نواز فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جو مطالبو ڪيو هو، مريم نواز الزام هڻندي چيو ته فيض حميد نوازشريف جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ سزائون ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو

هي به پڙهندا

مريم نواز: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو