فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي: سپريم ڪورٽ

0
353

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ تاحيات نااهلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه اهڙا رمارڪس ڏنا

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته رد ڪيل آمريڪي پاسپورٽ ڏسي تسلي ڪئي هئي

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته جنهن رد ڪيل پاسپورٽ تي ڀاڙي رهيا آهيو اهو مدي خارج هو، رٽرننگ آفيسر کي پاسپورٽ 2018 ۾ ڏيکاريو ويو هو

Faisal Vawda's disqualification case: ECP reserves verdict - Daily Times

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته آر او کي ڏيکاريل پاسپورٽ 2015 ۾ ئي ايڪسپائر ٿي چڪو هو، رد ٿيل پاسپورٽ شهريت ڇڏڻ جو ثبوت ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته معاملو ته گهڻو سنجيده ٿي ويو آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي

فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته حلفيه بيان جو متن هو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ نه آهي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته حلفيه بيان ۾ پاسپورٽ جو مطلب ٻئي ملڪ جي شهريت هجڻ هو

فيصل واوڊا جي وڪيل وڌيڪ تياري لاءِ مهلت جي استدعا ڪئي جنهن بعد عدالت ٻڌڻي ايندڙ ڇنڇر تائين ملتوي ڪري ڇڏي