اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه فيصل واوڊا جي ٻٽي شهريت بابت ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي. تاحيات نااهلي خلاف فيصل واوڊا جي اپيل تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته ريٽرننگ آفيسر  رد ڪيل آمريڪي پاسپورٽ ڏسي تسلي ڪئي هئي، جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ چيو ته جنهن رد ڪيل پاسپورٽ تي ڀاڙي رهيا آهيو اهو مدي خارج هو، رٽرننگ آفيسر کي پاسپورٽ 2018 ۾ ڏيکاريو ويو هو جيڪو 2015 ۾ ئي ايڪسپائر ٿي چڪو هو، رد ٿيل پاسپورٽ شهريت ڇڏڻ جو ثبوت ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته معاملو ته گهڻو سنجيدا ٿي ويو آهي، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته  فيصل واوڊا جو هڪ ٻيو ڪوڙ سامهون اچي ويو آهي. فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته حلفي بيان جو متن هو ته ڪنهن ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ نه آهي، جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته حلفي بيان ۾ پاسپورٽ جو مطلب ٻئي ملڪ جي شهريت هجڻ هو. جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏنا ته جيو پاسپورٽ رڪارڊ تي آهي ان جو ۽ رد ڪيل پاسپورٽ جو نمبر مختلف آهي، ان سان واضح ٿئي ٿوته مدي خارج ٿيڻ کانپوءِ نئون پاسپورٽ پڻ جاري ٿيو. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ تاحيات نااهلي جو اختيار نه آهي جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ وٽ تاحيات نااهل ڪرڻ جو اختيار موجود آهي. فيصل واوڊا جي وڪيل وسيم سجاد تياري لاءِ وڌيڪ وقت گهري ورتو جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته انهن سوالن جا جواب اوهان کي ايندڙ هفتي به نه ملندا. عدالت تياري لاءِ مهلت جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي ايندڙ ڇنڇر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.