جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾فيصل مغيري جي پراسرار موت جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ غازي زبير جکراڻي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.ٺيڪيدار شير محمد مغيري جي وڪيل اطهر عباس سولنگي دليل ڏيندي چيو ته فيصل مغيري جي موت بعد سندس دوست غازي زبير جکراڻي جي درخواست تي پوسٽ مارٽم ٿيو، ان وقت جي مئجسٽريٽ ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي، خدشو آهي ته درخواست گذار زبير جکراڻي فيصل مغيري جو ڪيس اڻڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرائڻ کانپوءِ سندس وڏي ڀاءُ حاجي شير محمد مغيري جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪرائيندو عدالت کي استدعا آهي ته ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪئي وڃي.درخواستگذار زبير جکراڻي جي وڪيل عبدالرحمٰن مُغل دليل ڏيندي چيو ته فيصل مغيري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ به مبهم آهي ۽ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن به موت زهريلو شئي کائڻ سبب قرار ڏنو ويو ۽ پوسٽ مارٽم ۾ ڪيتريون ئي غلطيون سامهون آيون آهن،  مرحوم جي گهرواري به ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي هاڻي منهنجي موڪل جي استدعا آهي ته فيصل مغيري جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو وڃي جيئن حقيقتون سامھون اچي سگهن، عدالت ٻنهي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري 14 فيبروري تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.