فيصل آباد(م ڊ) مشهور ڪاروباري شخصيت ۽ منشيات ڪيس جي جوابدار شيخ دانش شادي کان انڪار ڪرڻ تي شاگردياڻي کي ڀاءُ سميت اغوا ڪري پنهنجي گهر ۾ جوتا چٽرايا. وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس مک جوابدار سميت 6 جوابدار گرفتار ڪري رمانڊ حاصل ڪري ورتو. مليل اطلاعن موجب فيصل آباد جي رهواسڻ ميڊيڪل جي شاگردياڻي خديجه کي ڪاروباري شخص شيخ دانش شادي جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي جنهن تي بااثر شخص مڇرجي شاگردياڻي کي ڀاءُ سميت اغوا ڪري پنهنجي گهر کڻي ويو ۽ مٿس سخت تشدد ڪيو. هن شاگردياڻي کي معافي وٺڻ ۽ جوتا چٽڻ تي مجبور ڪيو. هنن اها وڊيو به ڀري ۽ اها وائرل ڪئي وئي. جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شاگردياڻي هيسيل آهي ۽ هوءَ بااثر جي حڪم تي جتيون زبان سان چٽي ٿي. اها وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ عورت ماهم سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ماهم کي 14 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ جوابدارن اصغر، مصطفيٰ، طيب ۽ فيضان جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. مک جوابدار شيخ دانش به پوليس جي حراست ۾ آهي. پوليس موجب اهو واقعو کرڙيانوالا ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جوابدار شيخ دانش تي منشيات هٿ اچڻ جو ڪيس به داخل آهي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي نوٽيس ورتو، هن آءِ جي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته شاگردياڻي تي تشدد ناقابل برداشت آهي. واضح رهي ته جوابدار پي ٽي آءِ جو اڳواڻ آهي.