فيصل آباد واقعو ۽ جناح ڪنوينشن ۾ ٿيل تقريب

0
132
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 جنھن به مھذب معاشرن مان انسانيت ختم ٿي ويندي آهي، انسان معمولي جنسي تسڪين لاءِ وحشت جو روپ اختيار ڪندي جانور کان به پري نڪري ويندو آهي ته پوءِ اتي لاقانونيت جنم وٺندي آهي ۽  ھر ڪو پنھنجي ننگن جي عزت جي تحفظ لاءِ  ظلم زيادتي جي خلاف قانون کي هٿ ۾ کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. پنجاب جي وڏي صنعتي شھر فيصل آباد ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي مالڪ جنسي تسڪين جي لاءِ ميڊيڪل جي شاگردياڻي (خ) سان شادي کان انڪار ڪرڻ تي ساڻس انسانيت سوز سلوڪ ڪيو. ان وقعي ھڪ طرف وفاقي توڙي پنجاب حڪومت جي چهري داغ لڳايو آهي ته جوابدارکي   قانون جو ڪوبه ڊپ ڊاءُ يا خوف نه هو بلڪه سندس آڏو قانون جي حيثيت به پڌري ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري ھن وحشي جو روپ اختيار ڪندي ان شاگردياڻي جي مٿي جي وارن کي ڪوڙي ڇڏيو،

                 ان کان به وڌيڪ کيس جوتا چٽائي تذليل ڪئي وئي، جنهن سان مھذب معاشري ۾ھر شخص جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي، لڳي ٿو ته انسانيت ختم ٿي وئي آهي. پنھنجي پياري وطن جو وڏو صوبو پنجاب ھجي يا سنڌ سميت باقي صوبا ھجن اتي ان قسم جو واقعا پھريون ڀيرو ناھن ٿيا.ماضي ۾ به ان قسم جا ڪيئي واقعا پيش اچي چڪا آهن ۽ مستقبل ۾به ان قسم جا واقعا پيش اچي سگهن ٿا. پنجاب ۾ مختارہ مائي جو مشهور واقعو پيش آيو ھو جتي پنچائت جي فيصلي جي تحت ساڻس اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي، وحشين کيس جنسي حوس جو نشانو بڻايو. انهي ڪيس دنيا ۾ پاڪستان جي ساک کي بي نقاب ڪري ڇڏيو ته عورت جي عزت محفوظ ناهي. فرسوده رسمن نظام جي ڪري عورتن کي حوس جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جھنگ جو قانون تصور ڪيو پيو وڃي. پنجاب ۾ اڪثر ڪري عورتن کي بازارن ۽  گھٽين ۾ ڪپڙن کان آجو ڪري گھمائڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آھن جتي چوڌري، ملڪ،جٽ، اعواڻ سميت ٻيون ذاتيون شامل آهن جيڪي عورتن جي خلاف فيصلو ڏيڻ کي پنھنجي طاقت تصور ڪندا آهن. پر اھو صرف پنجاب ۾ ناھي  گھڻو پري وڃڻ جي ضرورت ناهي 1990ع واري سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي جي دور۾ سندس گھرو صلاحڪار صدر غلام اسحاق خان جي ناٺي عرفان الله مروت ان وقت انگريزي رسالي جي ايڊيٽر شيري رحمان ۽ وينا حيات کي ڪراچي مان اغوا ڪري پوليس ٿاڻن۾ قيد ڪيو هو ذھني اذيتون ڏنيون ويون، اھو صرف ان ڪري جو انھن عورتن جي ويجھڙائپ شھيد محترمه بينظير ڀٽو سان ھئي.

1997ع ۾ نواز شريف جي دور۾ احتساب بيورو جي سربراهه سينيٽر سيف رحمان شرميلا فاروقي کي سپريم ڪورٽ اسلام آباد جي آڏو پوليس ھٿان گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو هو،اڄ اهي  شيري رحمان ۽  شرميلا فاروقي حڪومت ۾ ويٺيون آهن پر بدقسمتي سان عورتن جي تحفظ جي حوالي سان اھڙو ڪارنامو سرانجام ناهي ڏنو جيڪو ساراھه جوڳو ھجي،باقي بيان بازي ڄڻ ته فيشن آهي عملي ڪم نه ٿو ٿئي. حقيقت۾ ڏٺو وڃي ته عوتن کي سرڪاري توڙي خانگي آفيسن تعليمي ادارن ۾ به جنسي حوس جي حوالي سان انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. اھڙا ڪيئي واقعا پيش اچي چڪا آهن ليڪن ذميوارن کي سزا ناھي ملي انھي جي ڪري اھي واقعا معمول جو حصو بڻجي ويا آهن. جڏهن ته   ڪنھن به حڪمران طبقي ان قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪي به نتيجا ڏيندڙ قدم نه کنيا آهن  جنهن جي نتيجي ۾ اھڙا واقعا پيش اچي رھيا آھن. حڪمران اشرافيه بروقت قانون تي عمل ڪرائڻ ۾ سنجيده نظر اچن ھا ته پوءِ ان قسم جا واقعا نه ٿين ھا. حالانڪه عورتن کي حراسان ڪرڻ جي حوالي سان ڪشمالا جي سربراهي ۾ وفاقي محتسب ڪميشن جوڙيل آهي جتي عورتن کي حراس يا زيادتي جي ڪيسن جو ازالو ڪيو وڃي ٿو، خاص طور تي سرڪاري خانگي ادارن ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪيس ٻڌا وڃن ٿا. ان ڪميشن پيمرا ۾ ھڪ ڇوڪري ملازم سان حراسان ڪرڻ جي حوالي سان فيصلو به اچي چڪو آهي جنھن ۾ لاڳاپيل آفيسر کي سزا ڏيندي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو.

14 آگسٽ تي ملڪ جي 75 سال جي جشن آزادي جو ڏهاڙو جوشي جذبي سان ملهايو ويو سڄي قوم ھڪ آواز ٿي حصو ورتو. آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان مک تقريب اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿِي ان تقريب ۾ وزيراعظم شھباز شريف سميت وفاقي وزيرن ، چيئرمين سينيٽ ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽرين ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جتي ھر صوبي جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو. ليڪن بدقسمتيءَ سان اھو پھريون ڀيرو آھي جو جشن آزادي واري اھا تقريب ھن وقت تڪراري بڻجي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي تقريب جي حوالي سان ھر ايندڙ ڏينهن ڪانه ڪا اھڙي ڳالھه پيش ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ تڪرار جو عنصر سامھون اچي ٿو. جناح ڪنوينشن سينٽر جي تقريب ۾ مختلف صوبن جي ثقافتن جي رنگن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردياڻين ڇوڪرن سان گڏ قومي گيتن تي رقص جھمريون پائي خوشي جو اظهار ڪيو ته ان تقريب ۾ مولانا فضل الرحمان جي پٽ وفاقي وزير اسد محمود جي شرڪت کي بنياد بڻائيندي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته نوجوان ڇوڪرين کي ڇوڪرن سان گڏ جھمريون پائي نچايو ويو آهي ۽  حڪمران اشرافيه ان تي تاڙيون وڄائيندي رھي.

ڏٺو وڃي ته اھا سوچ ان مخصوص طبقي ۽ ٽولي جي آھي جيڪي عورتن کي اڳتي اچي مختلف شعبن ۾ پنھنجو نالو پيدا ڪرڻ جا مخالف آهن. 1988ع  ۾  محترمه بينظير ڀٽو پھريون ڀيرو وزيراعظم ٿي ته مولانا فضل الرحمان عورت جي حڪمراني تي اعتراض لڳائيندي سخت زبان استعمال ڪئي ھئي. اڄ اھو مولانا فضل الرحمان مريم نواز سان گڏ پريس ڪانفرنسن، اجلاسن ۾ نظر اچي ٿو. سندس سياست جو اھو معيار آهي کيس جتي ذاتي مفاد نظر ايندو آهي اھو فورم صحيح آهي. حقيقت ۾ڏٺو وڃي ته 14 آگسٽ ھجي يا 23 مارچ جو ڏھاڙو ملھائڻ جو ھجي،

ان ڏينهن جي حوالي سان ان قسم جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون آهن جنهن ۾ عوام پاران يڪجهتي ۽ خوشي جو اظهار ڪيو ويندو آهي پر ھڪ مخصوص طبقي پاران اھڙي تقريب کي تڪراري بڻائڻ ڪنھن جي مفاد ۾ناهي. باقي اھو پھريون ڀيرو آھي جو ان تقريب ۾ صدر عارف علوي کي شرڪت جي دعوت نه ڏيڻ ۽ کيس شامل نه ڪرڻ شھباز شريف حڪومت جي نفرت واري سوچ کي ظاهر ڪري ٿي.

14 آگسٽ جي تقريب پھرين ماضي ۾  ھميشھ پارليامينٽ ھائوس جي احاطي ۾ ٿيندي رهندي هئي جتي وقت جو صدر،وزيراعظم سميت چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف سميت ٽنھي فوجين جا سربراهه شريڪ ٿيندا هئا ليڪن جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ دھشتگردي جي واقعن جي پيش نظر ان تقريب کي پارليامينٽ ھائوس مان جناح ڪنوينشن سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي تمام سربراهه شريڪ ٿيندا رهيا، پر پھريون ڀيرو آھي جو صدر عارف علوي کي تقريب کان پري رکيو ويو. مونکي ياد اچي ٿو ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ رات جو ايوان صدر ۾ ان ڏھاڙي جي حوالي سان محفل موسيقي جي تقريب ٿيندي  هئي ۽ جنرل پرويز مشرف وزيراعظم شوڪت عزيز سميت شرڪت ڪندڙ مھمانن جي آڏو نچندي ثابت ڪيو ته ھو ملڪ جو صدر ضرور آھي ليڪن جڏهن ملڪ جي خوشي ايندي ته ھو ايئن به خوشي جو اظهار ڪري سگهي ٿو.