اسلام آباد: فنڊنگ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جي موقعي تي ڪالهه اليڪشن ڪميشن  طرف ايندڙ رستن تي سخت سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي هئي، اليڪشن ڪميشن ٻاهران به پوليس جا وڏي پيماني تي اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، شاهراهه دستور ذريعي اليڪشن ڪميشن ڏي اچڻ جو رستو صرف سيرينا ۽ مرگلا روڊ وارو کليل رکيو ويو، جڏهن ته نادرا چوڪ ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ڀرسان روڊ کي ڪنٽينر رکي بند ڪيو ويو، فيصلي کان اڳ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس به ٿيو، جيڪو ختم ٿيڻ کان پوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن ڪميشن جي ڪورٽ روم ۾ اچي پنهنجو فيصلو ٻڌايو.